اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حق?? جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته والاريل علائقي ۾ ڀارتي فوج هٿان وڏي پئماني تي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته والاريل علائقي ۾ نوجوان ڪش??ير?? شمس الدين ولد جمال الدين اڌم پور جي هڪ جاچ مرڪز ۾ تشدد جو نشانو بڻائڻ کانپوءِ شهيد ٿي ويو، جنهن کي ??ٽڪل هڪ مهينو اڳ گهر مان گرفتاري کانپوءِ مسلسل تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو. پرڏيهي آفي?? جي ترجمان چيو ته شمس الدين گم ٿيل پهريون ڪش??ير?? نوجوان نه آهي ۽ نه اهو انساني حق?? جي پائمالي جو پهريون واقعو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ نوجوانن کي هراست دوران ۽ فرضي مقابلن ۾ شهيد ڪيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته اسان والاريل ڪشمير ۾ حراست ۾ ٿيندڙ فوتگين بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اهڙي غيرانساني ڪاررواين ۽ انساني حق?? جي خلاف ورزي?? جي ذميوارن جو گهيراءُ ٿيڻ گهرجي. ترجمان ان ڳالهه کي ورجايو ته پاڪستان گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قرارد??دن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪش??ير???? جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.