اسلام آباد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چين جي اڳوڻي صدر جيا??گ زيمن جي لاڏاڻي تي عوامي جمهوريه چين جي قيادت ?? عوام سان پنهنجي دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان تعزيتي بيان ۾ صدر چيو ته چين جي اڳوڻي صدر جيا??گ زيمن هڪ م??هو?? ڏاهو هو، جنهن مسلسل اقتصادي سڌارن جي ذريعي چين کي تيز رفتار ترقي تي گامزن ڪيو ۽ ملڪ ۾ زندگي جي معيار نمايان طور تي بلند ڪئي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڳوڻي چين جي صدر جيا??گ زيمن جي ڏاهپ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي ?? عوام جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته چين جي آنجهاني اڳوڻي صدر کي ان جي ملڪ جي لاءِ ان اعليٰ خدمتن ۽ ڪوششن جي لاءِ سدائين ياد رکيو ويندو، جنهن جي ڪري چين اڄ جي دنيا جي هڪ عظيم معاشي قوت طور سامهون آهي. صدر چيو ته ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اسان چين جي عوام سان گڏ آهيون.