اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن هڪ ڪانفرنس ۾ ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اتح??دي حڪومت ۽ منهنجي پ??رٽي آئين موجب هر شهري جي اظهار جي آز??دي جي حق کي يقيني بڻائڻ جي پ??تي عزم تي قائم آهي، اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت شهرين کي پ??ڻ اهڙا فورمز مهيا ڪري ٿي جتي اهي عوامي اهميت جي معاملن تي پنهنجي اختلافي موقف، راءِ ۽ راءِ جي آز??دي جو پوري طرح سان اظهار ڪن، اهڙن فورمز جو سياسي مفادن جي لاءِ رياستي ادارن خاص طور تي هٿياربند فوج کي نشانو بڻائڻ جي لاءِ استعمال ڪرڻ افسوسناڪ آهي. وزيراعظم چيو ته هٿياربند فوج جا آفيسر ۽ جوان اندروني ۽ ٻاهرئين خطرن کان ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. هن اظهار راءِ جي آز??دي جي بني??دي حقن کي برقرار رکڻ جي قوم کي خاطري ڪرائيندي آچر ڏينهن رياستي ادارن جي خلاف بنا ڪنهن جواز نعريبازي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته مون کي افسوس آهي ته ڪجهه شرڪت ڪندڙن پاران ائين ڪيو ويو. هن چيو ته اسان کي عوامي سطح تي وڌيڪ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.