آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آذربائيجان جي صدر ا??هام عليوف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي قازقستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ ان ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ??ولهه ??ي. ان موقعي تي دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات واري و??اقي وزير مريم اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ ۽ طارق فاطمي پڻ موجود هئا.