اسلام آباد – 04 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم شه??از شريف چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي ڪري 3963 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا تعطل جو شڪار ٿيا، جنهن جي ڪري عوام کي لوڊشيڊنگ جي عذاب کي منهن ڏيڻو پيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاور ڊويزن ??لڪ ۾ لوڊشيڊنگ جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي مجرماڻي غفلت جي ڪري 3963 ميگاواٽ بجلي جي پيداوار جا منصوبا دير جو شڪار ٿيا، اهي منصوبا 21 – 2020ع ۾ م??مل ٿيڻا هئا. وزيراعظم چيو ته انهن منصوبن جي م??مل نه ٿيڻ جي ڪري عوام کي لوڊشيدنگ جي عذاب کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.