اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) ??طل??عات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪ چين دوستي سڄي دنيا ?? هڪ مثال آهي، اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ۽ سفارتي لاڳاپن سان پاڪ چين دوستي جو آغاز ٿيو، اقتصادي لنگهه جهڙا منصوبا پاڪستان جي ا??در اقتصادي خوشحالي ۽ اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ سميت خطي جي نوجوانن ۽ ايندڙ نسلن لاءِ معاشي ترقي ۽ خوشحالي جو مظهر آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعظم جي خصوصي هدايت تي چيني قونصليٽ جي دوري جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي هن وزيراعظم شهباز شريف جو خصوصي پيغام به پڙهي ٻڌايو. وفاقي ??طل??عات واري وزير چيو ته اڄ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيا، اڄ هڪ تاريخ جو ڏينهن آهي، پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا ان لاءِ به خاص اه??يت رکندڙ آهن ته اه?? ٻنهي ملڪن جي عوام سان شروع ٿيندا آهن، ٻنهي ملڪن جي عوام محبت جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي، هن چيو ته جڏهن به چين جو ڪو به منصوبو پاڪستان ۾ ايندو آهي ته اسان کي يقين هوندو آهي ته اه?? اسان جي فائدي لاءِ هوندو، ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي جو هڪ افسوسناڪ واقعو ٿيو، اهڙا واقعا پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوشش آهن، ان واقعي کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف سيڪيورٽي ۽ انفرااسٽرڪچر ميڪينزم جو نئين سر جائزو ورتو ۽ هن وقت هو سڀني معاملن کي پاڻ مانيٽر ڪري رهيو آهي، ??طل??عات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪراچي جو واقعو پيش آيو ته وزيراعظم شهباز شريف سڀئي مصروفيتون ختم ڪري چيني قونصليٽ آيو، وزيراعظم پاڪ چين لاڳاپن کي سبوتار ڪرڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائيندي سيڪيورٽي ميڪينزم کي بحال ڪيو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پاڻ ۾ گڏيل احترام ۽ اعتماد جو رشتو آهي، هتي ڪيترائي منصوبا آهن جيڪي سدائين لاءِ پاڪ چين دوستي کي لازوال رشتي ۾ جوڙيندا آهن، ??طل??عات واري وفاقي وزير ان تاريخي ڏينهن جي موقعي تي چين جي عوام ۽ حڪومت کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته وزيراعظم جي مستقل خواهش آهي ته چين سان دوستي ۽ اعتماد جي رشتي کي نئين بلندين تائين پهچايو وڃي ۽ ان رشتي کي مضبوط بڻايو وڃي. ??طل??عات واري وفاقي وزير پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 71 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪيڪ به ڪٽيو ان موقعي تي ??طل??عات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد به موجود هئي.