اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب يوم تڪبير ” نه جهڪيا هئاسين، نه جهڪنداسين“ جو عنوان جاري ڪندي چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جوهري ڌماڪن جا 24 سال مڪمل ٿيڻ تي 10 ڏينهن جون تقريبون م??هائڻ جو فيصلو ڪيو ??هي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته قيام پاڪستان جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي ڊائمنڊ جوبلي تقريبن جي طرز تي سڄي ملڪ ۾ يوم تڪبير قومي جذبي سان م??هايو وڃي. وزيراعظم وفاق، چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي حڪومتن سان گڏجي تقريبن جي انعقاد جي هدايت ڪئي آهي، يوم تڪبير تي قومي تقريبون م??هائڻ جو آ??از 19 مئي کان ٿيندو. وفاقي وزير چيو ته 28 مئي 1998ع قومي افتخار ۽ پاڪستان جي پنهنجي آزادي، خودمختياري ۽ قومي مفادن جي خاطر ??ڏهن نه جهڪڻ جي عظيم تاريخ جو ڏينهن آهي، هن چيو ته محمد نواز شريف جي قيادت ۾ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو هو، هاڻي معاشي قوت بڻائينداسين، هي اهو تاريخي ڏينهن آهي جڏهن قومي قيادت ٻاهرين طاقتن جي دٻاءُ ۽ ڌمڪين جي باوجود دفاع وطن کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ قوم جو سر فخر مان بلند ڪيو. هن چيو ته وفاقي، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي يوم تڪبير جون تقريبون م??عقد ڪيون وينديون، تعليمي ادارن، شاگردن ۽ نوجوانن کي خاص طور تي انهن تقريبن جو حصو بڻايو ويندو، وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم سمورين سياسي پارٽين، وڪيلن، ڊاڪٽر ميڊيا، پورهيتن، سول سوسائيٽي تنظيمن سميت معاشري جي سمورن طبقن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ان قومي ڏينهن کي قومي جذبي سان م??هائي، اهو ڏينهن قوم جي بي مثال اتحاد، يڪجهتي ۽ پاڪستان لاءِ هڪ ٿيڻ جو ڏينهن آهي، ان ڏينهن کي انهي انداز ۾ ملهائڻ جي ضرورت آهي، هن م??ڊيا کي درخواست ڪئي ته يوم تڪبير لاءِ خصوصي نشريات، پروگرامز ۽ تحريرن جي اهتمام سان ان قومي ڏينهن جي تقريبن ۾ پنهنجو حصو وجهي.