اسلام آباد – 11 R11; مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي صوابي ۾ ڪامياب جلسي تي خيبرپختونخوا جي عوام جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته بهادر، سچي ۽ غيرمند پشتونن جي عوامي عدالت عمران خان جي سازشي خط جي تماشي کي اڄ پوري طاقت سان رد ڪري ڇڏيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو عوام جو اهو سيلاب آهي جنهن اڄ ڪوڙي ۽ ٺڳ سازشين جي سازشي ٿيوري ??فن ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته 8 سالن کان صوبي ۾ مڙهيل نالائقي، نااهلي ۽ ڪرپشن جي خلاف عوام فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي ته تماشو بند ڪريو ۽ پنهنجي ڪارڪردگ?? جو حساب ڏيو.