ابوظهبي – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هڪ ڏينهن جي دوري تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو آهي، وزيراعظم شهباز شريف اعليٰ سطحي وفد سان هڪ ڏينهن جي دوري تي ابو ظهبي پهتو جتي گڏيل عرت اماراتن جي انصاف واري وزير عبدا??له بن سلطان بن عود آل نعيمي سندس استقبال ڪيو. وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، خواجه آصف، مفتاح اسماعيل، ??ريم اورنگزيب، نوابزد?? شاهه زين بگٽي، ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ محسن داوڙ وزيراعظم سان گڏ آهن.