اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف چيو آهي ته گهڻ ??قص?? ديامر ڀاشا ڊيم پاڪستان جي پاڻي جي سيڪيورٽي ۽ شفاف توانائي جي ضرورتن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم ش??با?? شريف ديامر ڀاشا ڊيم کي گهڻ ??قص?? قرار ڏيندي چيو ته هي ڊيم پاڪستان ۾ پاڻي وسيلن جي دستيابي ۽ سيڪيورٽي سميت شفاف توانائي جي ضرورتن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2029ع جي شروعاتي ڊيڊ لائين بدران 27 – 2026ع تائين مڪمل ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن اسان پاڪستان جي نئين سر تعمير جي لاءِ دل ۽ جان سان ڪوششون ڪريون ته ??ا به شيءَ ناممڪن نه آهي.