جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعود?? عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ ??اڻ ٻاهر ??يو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪرايو، جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان ملايو، ان کانپوءِ ??نهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعود?? عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعود?? عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .