اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??اڪ??تان هڪ اعتماد جوڳو دوست ۽ حصيدار جي حيثيت سان سريلنڪا سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي وڏي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن سريلنڪن بحريه جي ڪمانڊر وائس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيبروري 2021ع ۾ پنهنجي سريلنڪا جي دوري کي ياد ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن ۽ سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ٺوس طور تي اپ گريڊ ڪرڻ جي ??اڪ??تان جي خواهش کي ورجايو. وزيراعظم چيو ته سيڪيورٽي ۽ دفاعي تعاون ??اڪ??تان سريلنڪا لاڳاپن جو اهم جز ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو عنصر رهيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته هو سريلنڪن قيادت جي ??اڪ??تان جي دوري ج?? منتظر آهي. سريلنڪا جي وائيس ايڊمرل نشانٿا اولوگيٽن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي تعاون تي ٻڌل لاڳاپن تي زور ڏنو ۽ ??ال??ي ۽ علائقائي فورمن تي حمايت تي ??اڪ??تان جا ٿورا مڃيا. هن گڏيل هدفن جي فروغ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو.