اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جا سرٽيفڪيٽس جو آن لا??ين جاري ڪرڻ جهڙا قدم انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت لا??ِ ڏور رس نت??جن وارا هوندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار روشن ڊجيٽل اڪائونٽس بابت ??جلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،
اجلاس ۾ ناڻي واري وزير شوڪت فياض ترين، وزيراعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين واري صلاحڪار ايوب آفريدي، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ۽ لاڳاپيل ??ينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن ۽ اسان انهن جي سهولت کي يقيني بڻائڻ لا??ِ تاريخ ساز قدم کڻي رهيا آهيون، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽنگ جي حقن جي فراهمي، انهن جي پاور آف اٽارني ۽ جانشيني جي سرٽيفڪيٽس جو آن لا??ن جاري ڪرڻ جهڙا حڪومتي قدمن انهن جي ڀلائي، ترقي ۽ سهولت جي لا??ِ ڏور رس نت??جا وارا هوندا. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين ۾ پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لا??ِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس (آر ڊي اي) جي شاندار ڪاميابي تي تفصيل کان آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت تائين 3 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو مٽاسٽا جو ناڻو آر ڊي اي جي ذريعي ملي چڪو آهي، وزيراعظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) کي هدايت ڪئي ته هو ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جي ذريعي پنهنجي رقم پاڪستان موڪلڻ جي لا??ِ آن لا??ين ريئل ٽائيم بنيادن تي سهولت فراهم ڪري، هن لاڳاپيل ??ملدارن کي ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي آر ڊي اي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لا??ِ موثر مارڪيٽنگ مهم هلائڻ جي به هدايت ڪئي.