اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي ??ي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود ??ريشي چيو آهي ته مصر خطي جو هڪ اهم ملڪ ۽ ان جو استحڪام ۽ ترقي خطي ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي، اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ مقرر مص??ي سفير طارق دهرواگ سان ڳالهائيندي چئي. جنهن پرڏيهي وزار?? ۾ ??اڻس ملاقات ڪئي. شاهه محمود ??ريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته مصر جو صدر عبدالفتح السيسي جي قابل قياد?? ۾ ??ياسي استحڪام ۽ سلامتي طرف گامزن آهي، ٻنهي ملڪن جي عوام گڏيل عقيدي ۽ هڪجهڙي ثقافتي وابستگي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، پرڏيهي وزير چيو ته ٻئي ڀا??ر ملڪن جي وچ ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي موقف ۾ هڪجهڙائي خوش آئنده آهي منهنجو گذريل سال مصر جي دوري دوران صدر السيسي ۽ پرڏيهي وزير سامع شڪ??ي سان تمام فائديمند ملاقاتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان مصري پرڏيهي وزير سامع حسن شڪري جي پاڪستان جي دوري ۽ اسلام آباد ۾ چوٿين گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) جي جلد انعقاد جو منتظر آهي. مص??ي سفير پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي پاڪستان ۽ مصر جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي فروغ لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڏياري.