اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي هراسيت ۾ ملوث شخص جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اڳوڻي ب??نڪ مينيجر انساني بنيادن تي صدر مملڪت کان سروس ۾ بحالي جي درخواست ڪئي هئي، ب??نڪ مينيجر تي هراسيت جو الزام ثابت ٿيڻ تي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، حبيبه رئوف مينيجر نعيم ??قبال جي خلاف ب??نڪ کي هراسيت جي شڪايت ڪئي هئي، تفصيل موجب ب??نڪ انڪوائر?? ۾ ??عيم ??قبال تي لڳايل الزام ثابت ٿيا، هراسيت جا الزام ثابت ٿيڻ تي نعيم ??قبال کي ب??نڪ برطرف ڪري ڇڏيو، نعيم ??قبال برطرفي جي خلاف ڪم جي جاءِ تي هراسيت جي روڪٿام جي وفاقي محتسب کي درخواست ڏني، محتسب نعيم ??قبال کي ننڍن ٻارن ۽ بزرگ والدين جي ڪري سزا ۾ نرمي ڏني، هراسيت جي روڪٿام واري محتسب ”نوڪري تان برطرفي“ جي بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ“ جي سزا ڏني، جنهن کانپوءِ نعيم ??قبال صدر کي انساني بنيادن تي سروس ۾ بحالي ۽ محتسب جو فيصلو ختم ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، صدر هراسيت ۾ملوث ماڻهو جي اپيل رد ڪندي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته معزز محتسب سزا کي ”نوڪري تان برطرفي“ بدران ”نوڪري مان ڪڍڻ??? ۾ بدلجي چڪو، درخواستگذار محتسب جي حڪم ۾ ڪنهن قسم جي غير قانونيت ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، درخواست گذار هراسيت جي روڪٿام واري محتسب جي حڪم کي بدلائڻ لاءِ ڪو جواز پيش نه ڪيو، ان لاءِ درخواست گذار جي نوڪري ۾ بحالي جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي.