اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ازبڪستان جي صدر شوڪت م??زايوف ٽيليفون ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم گڏيل هدفن ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ م??تل?? شعبن ۾ مڪمل صلاحيت م??ن فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم چيو ته ترجيحي واپاري معاهدي جي جلد تڪميل جي ذريعي ٻطرفي ا??تصادي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم عمران خان اميد ظاهر ڪئي ته افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام سا?? علائقائي خوشحالي لاءِ رابطي جي ا??جنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ٽرانس افغان ريلوي منصوبي جي وقت سر پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ازبڪ صدر وزيراعظم پاران پاڪستان جي دوري جي دعوت قبول ڪري ورتي جنهن سا?? ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن سميت م??تل?? شعبن ۾ موجوده ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ حاصل ٿيندو.