اسلام آباد – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ??عو??ي عرب ويندو. دوري دوران وزيراعظم ??عو??ي ق??اد?? سان پنهنجي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۽ وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان اڄ ڇنڇر تي ??عو??ي عرب جو ??ن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿيندو.
وزيراعظم عمران خان ولي عهد ش??زا??ه محمد بن سلمان عبدالعزيز جي دعوت تي ??عو??ي عرب جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم سان گڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ ڪابينا جي ٻين ميمبرن سميت اعليٰ سطحي وفد به هوندو. وزيراعظم عمران خان وچ اوڀر گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، جتي هو ماحولياتي تبديلين جي ڪري اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ فطري حل بابت پاڪستان جي تجربن کي به اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد ش??زا?? محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو ??دم آهي، وچ اوڀر خطي جي حوالي سان ان قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي، اهو گرين ??عو??ي عرب ۽ گرين وچ اوڀر قدم آهن جيڪي ولد عهد مارچ 2021ع ۾ شروع ڪيو جنهن جو ??قصد قدرت ۽ زمين جو تحفظ آهي.
وزيراعظم عمران خان انهن ٻنهي قدمن جي آجيان ڪئي هئي ۽ پاڪستان جي سرسبز ۽ صاف پاڪستان ۽ وزيراعظم جي 10 ارب ٽري سونامي جي تجربن کان آگاهه ڪرڻ جي آڇ ڪئي هئي، وزيراعظم عمران خان ??عو??ي ق??اد?? س??ن ٻطرفيون ڳالهيون ڪندو جنهن ۾ ??عو??ي عرب ۾ پاڪستانين جي ڀلائي ۽ بهتري، پاڪستاني پورهيتن لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن جي باري ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. وزيراعظم عمران خان دوري دوران پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ به شرڪت ڪندو. ??عو??ي عرب ۾ پاڪستاني برادري سان تعلق رکندڙ مشهور سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو،
پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدا، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. ??عو??ي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ سطحي رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن، وزيراعظم عمران خان جي دوري سان پاڪستان ۽ ??عو??ي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.