اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اڄ ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي دوري ??ي متحده عرب امارات روانو ٿ??ند??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب دوري ??وران صدر متحده عرب امارات جي اعليٰ عم??دا??ن سان ملاقات ۽ دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين جو باضابطه افتتاح ڪندو. يو اي اي ۾ پنهنجي قيام دوران صدر عارف علوي مشهور واپارين، سيڙپڪارن، آءِ ٽي ڪمپنين جي سينئر اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن سان به ملاقات ۽ متحده عرب امارات ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي ميمبرن به ڳالهه ٻولهه ڪندو، اهو دورو پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جا 50 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان ٿي رهيو آهي. دبئي ايڪسپو 2020ع خطي جي سڀ کان وڏي ۽ قسمين قسمين جي نمائش آهي جنهن ۾ 192 ملڪن، گهڻ رخي تنظيمون ۽ ڪاروباري ??دارا شرڪت ڪري ??هيا آهن. ايڪسپو پهرين آڪٽوبر تي شروع ٿي ۽ 31 مارچ 2022ع تائين جاري ??هندي، ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان پويلين ايڪسپو سائٽ جي اهم ترين علائقن ۾ واقع آهي ۽ ان کي ملڪ کان ٻاهر پاڪستان جو سڀ کان وڏو پويلين سمجهيو و??ند?? آهي، پاڪستان ۽ متحده عرب امارات جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، جيڪي گڏيل عقيدي، تاريخ ۽ ثقافتي وابستگين جي مستحڪم بنيادن تي هموار آهن. متحده عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ??صيدار ۽ سيڙپڪاري ??و هڪ وڏو ذريعو آهي. متحده عرب امارات تعليم، صحت، توانائي جي شعبن ۾ پاڪستان جي اهم ترقياتي حصيدارن ۾ شامل آهي.