اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجو??ه حڪومت جو ??نتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجو??ه حڪومت جي ويزن جو ??هم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي واري وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سي??يئ?? آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪروڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو ??مل 31 ڊسمبر کان شروع ڪري مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استع??ال کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ جي لا??ِ سمورن وسيلن کي استع??ال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجو??ه حڪومت جو ??نتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجو??ه حڪومت جي ويزن جو ??هم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري سهولتون نه رڳو اسان جي ذميواري آهي پر اسان جي ترجيحن جو ??ه واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪري جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت وارن وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪري سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لا??ِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.