اسلا?? آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ترڪ صدر رجب طيب اردگان جي دعوت تي 14 کا?? 16 آگسٽ تائين ترڪي جو دورو ڪندو. ان دوري دوران صدر ٻطرفي لاڳاپن ۽ علائقائي معاملن تي تفصيلي خي??لن جي ڏي وٺ ڪندو. ايوان صدر جي ميِڊيا ونگ موجب ٻنهي صدرن استبول ۾ پاڪستان نيوي جي 4 ملجم بحري جهازن جي رونمائي تقريب ۾ به شرڪت ڪندا. صدر عارف علوي م??ڊي?? ۽ ترڪي جي مشهور ڪاروباري شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪي جا ڀائراڻا لاڳاپا گڏيل عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن جي لاڳاپا هڪٻئي لاءِ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي هموار آهن، معاشي رخن تي وڌندڙ ڌيان سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري مضبوط کا?? مضبوط ٿيندي پئي وڃي، پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ اعليٰ سطحي مٽاسٽا، مختلف معاملن تي رابطا، هڪجهڙي موقف ۽ مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جو عڪاس آهن.