جده – 08 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان آل سعود سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي دو??ي جي موقعي تي ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ سميت گڏيل دلچسپي جي اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود ??ريشي هن وقت سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دو??ي دو??ان وزيراعظم سان گڏ آهي. پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي گڏيل لاڳاپن ج?? سمورن رخن جو جائزو ورتو.