اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته قومي ترقي جي عظيم جدوجهد ۾ اسان جي جوان پورهيتن جو ڪردار بنيادي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان انهن سمورن سنهري اصولن تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ مز??ورن جي حقن جي فراهمي ۽ تحفظ رياست جو آئين فراهم ڪري ٿو. مز??ورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ?? پهرين مئي پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي علامت طور ملهايو ويندو آهي، ان ڏينهن اهو وچن ورجايو ويندو آهي ته پورهيت قومي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي ذميداري پوري نيڪ نيتي ۽ ايمانداري سان ادا ڪندو. محمد صادق سنجراڻي چيو ته رياست ۾ هر سطح تي پورهيت جي حقن جي ادائيگي يقيني بڻائي ويندي، پاڪستان ۾ جلد مز??ور ڪلاس جو معيار بهتر ٿي ويندو ان لاءِ هڪ مستقبل لائحه عمل اختيار ڪرڻ جي ضر??رت آهي، سينيٽ چيئرمين چيو ته هنرمند ۽ غير هنرمند مز??ورن جي گهٽ کان گهٽ معاوضي ۾ اضافو ڪري پورهيتن جي معيار کي بهتر ڪري سگهجي ٿو.