اسلام آباد – 22 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي يونيورسٽين ۾ منشيات کان پاڪ ماحول فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ??گا??ي مهم شروع ڪرڻ ۽ ان لعنت کي وڌندڙ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته خصوصي شاگردن جي ضرورتن جي پيش نظر ??عليٰ تعليم ح??صل ڪرڻ ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جي لاءِ يونيورسٽي انفراسٽرڪچر کي معذور ??وست بڻايو وڃي. هو سرڪاري ۽ نجي شعبي جي سموريون يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز جي ورچوئل اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ??فقت محمود، منشيات جي روڪٿام واري سيڪريٽري ڪيپٽن (ر) اڪبر ??سين دراني، انساني حقن واري وزارت جي سيڪريٽري انعام الله خان، اين اي ايف جي عملدارن ۽ 165 يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن به شرڪت ڪئي. يونيورسٽين ۾ منشيات جي ??ست??مال جي روڪٿام ۽ خصوصي ماڻهن کي اعليٰ تعليم ح??صل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ جي قدمن جو جائزو وٺڻ جي سلسلي جو اهو ٻيو اجلاس هو، اجلاس ۾ صدر ڊاڪٽر ??ارف علوي ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل خصوصي شاگردن کي انجنيئرنگ پروگرام ۾ داخلا جي اجازت ناهي ڏني، هن چيو ته ان معاملي ۾ پروفيشنل ڪائونسلز خاص طور پاڪستان انجنيئرنگ ڪائونسل جي گائيڊ لائنز تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن يونيورسٽين ۾ منشيات جي باري ۾ ??گا??ي پيدا ڪرڻ ۽ ان جي ??ست??مال جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر هائير ??يجوڪيشن ڪميشن کي وائيس چانسلرز جي هڪ ڪميٽي جوڙجڪ ڏيڻ جي تجويز ڏني جيڪا منشيات جي ??ست??مال جي خلاف مهم جي لاءِ ??گا??ي مواد تيار ڪندي. هن شاگردن ۾ منشيات جي ??ست??مال کي روڪڻ جي لاءِ والدين سان ويجها رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.