اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان وڏيون معيشتون رکندڙ ملڪن کان موسمياتي تبديلين جي چئلينج جو مقابلو ڪن??ڙ پاڪستان ۽ ٻين اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع سوچ کي اختيار ڪرڻ ۽ مالي مدد جو مطالبو ڪن??ي چيو آهي ته اسان اميد ڪريون ٿا ته دنيا جي وڏين معيشتن لاءِ اهو هڪ اهڙو لمحو هوندو ته هو پاڪستان جهڙي ذميدار ملڪن لاءِ مالي مدد لاءِ اڳتي ايندا ۽ جيڪي گئس خارج ڪرڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ پنهنجون پوريون ڪو??شون ڪري رهيا آهن، پاڪستان ان معاهدي جي لاءِ وڙهندو جيڪو پنهنجي شهرين ۽ دنيا جي لاءِ آبهوا کان محفوظ مستقبل فراهم ڪن??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ان جاري بيان موجب برطانوي اخبار دي ٽائمز ۾ شا??ع پنهنجي مضمون ۾ وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه جو تذڪرو ڪيو ته عالمي آبهوا جي رسڪ انڊيڪس گذريل ڏهاڪن دوران مسلسل آبهوا جي اثرن کي پاڪستان جي لاءِ اٺين شديد ترين خطرو قرار ڏنو آهي.