اسلام آباد – 22 آڪٽ??بر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان ??ي صدارت ۾ هائوسنگ تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر غريب ۽ ضرورتمند طبقي جي لاءِ آسان قسطن تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان ??ريفنگ ڏني، نيشنل بئنڪ، الائيڊ بئنڪ، ميزان ??ئنڪ، حبيب بئنڪ، بئنڪ الحبيب ۽ بئنڪ آف پنجاب جي سربراهن وزيراعظم کي نيا پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت قرضن جي فراهمي جي باري ۾ آگاهه ڪيو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته قرضن کي حاصل ڪرڻ جي عمل کي آسان ??رين بڻايو ويو آهي ۽ ان ڏس ۾ برانچن ۾ ڌار ڊيسڪ ٺاهيا ويا آهن، پرائيويٽ بئنڪس، اسلامي ۽ روايتي بئنڪاري ٻنهي تحت قرض فراهم ڪنداسين، بئڪن جي سربراهن حڪومت کي تعميرات جي س??ڪٽر جي فروغ ۽ غريب طبقي کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جي س??ولت مهيا ڪرڻ تي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. هنن وزيراعظم ۽ حڪومتي معا??ي ٽيم کي ڪورونا وبا جي پيش نظر ڪاورباري طبقي س??يت بئنڪن جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته قرضن جي فراهمي جي عمل کي گهٽ مدي وارو ٺاهڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي ته جيئن قرض وٺندڙ ماڻهو جي ڪاغذن جي تصديق جلد ٿي سگهي.