اسلام آباد – 15 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان ??ازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران ??اري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 756 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 11 مريض اسپتالن ۾ ۽ 2 مريض گهرن ۾ قرنطينه ۾ ان وائرس سبب فوت ٿي ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 31 هزار 862 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان ??نڌ ۾ 9 هزار 234، پنجاب ۾ 11 هزار 601، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 337، اسلام آباد ۾ 4 هزار 832 ، بلوچستان 859 ، گل??ت بل??ست??ن ۾ 270، آزاد ڪشمير ۾ 729 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان ??حتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 5 هزار 395 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ 19 جا 77 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 9 هزار 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 21 هزار 218 آهي، جنهن مان ??زاد ڪشمير ۾ 3 هزار 268، بلوچستان ۾ 15 هزار 599، گل??ت بل??ست??ن ۾ 3 هزار 982، اسلام آباد ۾ 17 هزار 681، خيبرپختونخوا ۾ 38 هزار 464، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 237 ۽ سنڌ ۾ هڪ لک 40 هزار 997 مريض آه??، سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 سبب فوت ٿيندڙن جو تعداد 6 هزار 614 آهي.