اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي گهرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڀارت جي ??ابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي ??اءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، نوجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿي ??هيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏهاڙي جي ??وقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت جي غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ مواصلات?? بندشن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??اڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي تباهه ڪري ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجهي ??ڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي ??ي آر ايس ايس جي ??مائنده ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي.