اسلام آباد-04 آگسٽ (اي پي پي) چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته ٿر بلاڪ ٽو ۾ 330 ميگاواٽ جي هڪ ٻئي پاور پلانٽ تي ڪم ڀرپور نموني ج??ري آهي. پنهنجي ٽويٽ ۾ هن چيو ته تازو ئي لانچ ڪيل ٿل نوا حبڪو گڏيل منصوبي ۾ 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿي. هن چيو ته مقامي طور تي 305 ماڻهن کي روزگ??ر جا موقعا فراهم ڪيا ويا آهن. سي پيڪ تحت ان منصوبي جي فنان??ل ڪلوزنگ سيپٽمبر ۾ متوقع آهي.