اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري ڀارت کي دنيا ۾ ڌار ڪري ڇڏيو آ??ي، وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏي?? آهي. هو ريڊيو پاڪستان جي اهتمام هيٺ خصوصي مشاعري کي خطاب ڪري رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته اڄ پوري دنيا ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالين جي معاملي تي پاڪستان سان گڏ بيٺل آ??ي، هن چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي هندستان پنهنجي آئين جي ٻن آرٽيڪلز کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان نه رڳو ڪشميرين جي خودمختياري محدود ??ي وئي پر ڪشميرين کي بدترين ڪرفيو ۽ لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو پيو، رياست کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آ??ي، هن چيو ته مودي جو هندستان بي مثال قربانيون ڏي??دڙ بهادر ڪشميرين جي آزدي جي جدوجهد کي چيڀاٽي نٿو سگهي