اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اڄ آچر ڏينهن پاڪستا?? عالمي اڏامن جي لاءِ پنهنجون فضائي حدون جزوي طور کولي ڇڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان ٻڌايو ته اهو فيصلو خاص طور تي انهن سمنڊ پار پ??ڪستانين جي مدد لاءِ ڪيو ويو آهي جيڪي هن وبا دوران تم??م گهڻو متاثر ٿيا آهن پر انهن وڏي جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي جنهن تي اسان کي فخر آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي وطن واپسي تي ڀليڪار چيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت انهن کي هر قسم جي سهولت ڏيندي.