اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو آهي ۽ عظيم قوم بڻجڻو آهي جنهن لاءِ اسان کي مديني جي رياست جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، نبي اڪرم صه جي حيات مبارڪ جو هر رخ تاريخ ۾ محفوظ آهي جنه?? جي پيروي ڪ??ي اسان پنهنجي زندگين کي سنواري سگهون ٿا، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي پرڏيهي ثقافتي يلغار ??ان محفوظ رکڻ، اسلام جي تشخص ۽ پنهنجي روايتن ۽ تهذيب ۽ تمدن کان روشناس ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ته قومي تشخص ۽ صوفي?? جي تعليم کي اجاگر ڪيو وڃي. ناليوارن عالم?? جي وفد وز??راعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي.