اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي ??ي پي) اط??اعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر قانوندان ۽ دانشور ايس ايم ظفر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ايس ايم ظفر جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو، ايس ايم ظفر هڪ وڏو قانوندان ئي نه پر هڪ شائسته انسان پڻ هو. هن چيو ته مرحوم ملڪي ۽ عالمي ڪيسن ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون، مرحوم جي خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اط??اعات واري نگران وفاقي وزير د??ا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.