اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا و??ئرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ فيصلو ڪيو ته ڪورونا و??ئرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عملدرآمد ک?? يقيني بڻائيندي زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار جي وچ ۾ توازن کي برقرار رکڻ جي پاليسي تي عملدرآمد جاري رهندو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اهڙن ڪاروباري شعبن جي منفي لسٽ جاري ڪئي ويندي جيڪي ڪورونا و??ئرس جي وڌيڪ ڦهلاءُ کي روڪڻ جي سلسلي ۾ بن?? رهندا جڏهن ته ڪاروباري ۽ واپاري سرگرمين جي هڪ اهڙي فهرست جنهن تي و??اق?? حڪومت ۽ صوبن جو اتفاق راءِ ٿ??ندو، اها صنعتي شعبي کي جاري ڪئي ويندي جنهن تحت انهن کي پنهنجون سرگرميون ٻيهر جاري رکڻ جي اجازت هوندي. زندگي جي ڪاروهنوار ۽ ڪورونا و??ئرس جي ڦهلاءُ جي حوالي سان غيريقيني جي ڪري قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان ڳالهه کي ورجايو ويو ته اسان کي ڪورونا و??ئرس سان گڏ رهڻو پوندو جڏهن ته وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو ويندو.