اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق آذربائيجان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ آذربائيجان جي مس??فر جهاز جي حادثي ۾ ٿيل جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. آذربائيجان جي سفير خضر فرهادوف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز ص??دق جي آج??ان ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جهاز حادثي ۾ قيمتي انساني حياتين جي نقصان تي گه??ي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. اسپيڪر سردار اياز ص??دق چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جي پارليامينٽ ۽ عوام آذربائيجان جي پارليامينٽ ۽ عوام س??ن مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا، آذربائيجان ۽ پاڪستان جو عوام هڪٻئي سان محبت، اخوت ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ جڙيل آهن، پاڪستان ۽ آذربائيجان هڪ ٻئي جي ڏک سک جا ساٿي آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر حادثي ۾ فوت ٿيل ماڻهن جي درجن جي بلندي ۽ پوئينرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي. اسپيڪر سفارتخاني ۾ رکيل تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجا تعزيتي تاثر قلمبند ڪيا.