ڪراچي – 08 – جنوري (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن کي ضم ڪرڻ جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڻ بڻجي ويو آهي، 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو هو. هن چيو ته 2018ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 ارب ڊالر ه??ي، نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪس??ان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن محمد نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته قرضن جي شرح جي ڊي پي جو 63 سيڪڙو هئي، 2018ع کانپوءِ پاڪس??ان جي قرضن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪس??ان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سبب آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪس??ان عالمي برادري ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ??ند?? جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪس??ان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي.