اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي ??سلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي ??سلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي ??يام کي عمل شڪل بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق سينيٽ چيئرمين، قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي ??وقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو ته قائداعظم عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، قائداعظم محمدعلي جناح اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي ??سلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي ??سلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي ??يام کي عمل شڪل ڏني. پاڪستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي. هن چيو ته پ??ري قوم پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي ??سئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي ??شاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي پاڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي ??ستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي پوئتي رکي امن، ترقي پسنداڻي ۽ جمه??ري روين کي هٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي قائداعظم جي ??قشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.