ڪوئيٽا -20 ??سمبر (اي پي پي) ڪوئيٽا وادي س??يت بلوچستان جي مٿانهين وارا علائقا شديد ٿڌ جي لپيٽ ۾ آهن، ڪوئيٽا وادي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ڪاٽو 6 ڊگري س??نٽي گريڊ تائين گهٽجي ويو، روڊن ۽ نالين ۾ بيٺل پاڻي ڄمي برف ٿي ويو. موسميات کاتي مطابق سڀني کان گهٽ گرمي پد بلوچستان جي ضلعي قلات ۾ ڪاٽو 7 ڊگري س??نٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ ۽ اترئين علائقن ۾ شديد ٿڌي ره??دي. صوبي جي ڪنهن به ضلعي ۾ برسات جو امڪان ناهي. زيارت ۾ گرمي پد ڪاٽو 6، نوڪنڊي ڪاٽو 2، سبي 4، جيواڻي 6، گوادر 10، تربت 8، خضدار 2 ۽ بارکان ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 4 ڊگري س??نٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. موسميات کاتي مطابق صوبي جي مٿانهين وارن علائقن ۾ ٿڌ جي لهر جاري ره??دي.