اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) واپار و??ري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پاڪستان ۾ تر??يه جي سفير عرفان نذير اوگلو سان مل??قا?? ڪئي. واپار و??ري وزارت جي جاري پڌرائيءَ موجب مل??قا?? ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ اقتصادي ناتن کي وڌائڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مل??قا?? ۾ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ اسٽريٽجڪ ناتن کي هٿي ڏيڻ ۽ حقيقي واپاري صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. مل??قا?? ۾ وفاقي وزير مئي 2023ع ۾ ”ٽريڊ ان ??ڊز ايگريمينٽ“ کي عملي جامو پهرائڻ تي روشني وڌي، جنهن ۾ پاڪستان ۽ تر?? شين تي اوڳاڙين ۾ رعايت ڏني وئي هئي. سفير تجويز پيش ڪئي ته پاڪستان جنوري 2025ع ۾ تر??يه ڏانهن هڪ وفد موڪلي ته جيئن اسلام آباد ۾ طئي ٿيل اعليٰ سطحي رياستي اجلاس کان اڳ عمل جوڳن منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهجي، جنهن کي واپار و??ري وزير ساراهيو. ڄام ڪمال خان نجي شعبي کي بااختيار بنائڻ لاءِ ڪاروبار دوست ماحول پيدا ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڀريو. هن وڌيڪ چيو ته بزنس ٽو بزنس مصروفيتن لاءِ ميچ ميڪنگ قدم اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ٻنهي ڌُرين گڏيل رٿائن جا موقعا تلاش ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. سفير ۽ وفاقي وزير حڪومت کان حڪومت (جي 2 جي) ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار (بي 2 بي) مصروفيتن جي اهميت تي اتفاق ڪيو. مل??قا?? ۾ ٻنهي ڌُرين پاڪ- تر??يه ناتن جي مستقبل بابت اميد جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي گڏيل اقتصادي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جو عهد ڪيو.