اسلام آباد – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ۾ غيرقانوني ڀ??تي اسڪينڊل تي ڪريڪ ڊائون دوران مرڪزي جوابدار ارشد چوڌري سميت 5 جوابدارن کي گرفت??ر ڪري ورتو. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل جي ڊائريڪٽر شهزاد بخاري ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد افضل خان نيازي جي نگراني ۾ مختلف ذريعن کان ملندڙ شڪايتن تي اسڪينڊل جي جاچ جي شروعات ڪئي وئي. جاچ ۾ بدعنواني ۽ دوکيبازي جو هڪ پيچيده ڄار بي نقاب ٿيو جنهن ۾ مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري ان اسڪينڊل جي مرڪزي ڪردار جي طور تي سامهون آيو. سب انسپيڪٽر احتشام گوندل غيرقانوني ڀ??تين جي اسڪينڊل ۾ ملوث ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪي?? جن ۾ تيمور ارشد، فواد احمد خان، سعد يوسف ۽ قيصر جاويد شامل آهن جڏهن ته اسڪينڊل جي مرڪزي جوابدار مئنيجر اڪائونٽس ارشد مجيد چوڌري ??ي پڻ حراست ۾ ورتو ويو. گرفتاريون ان وقت عمل ۾ آيون جڏهن خصوصي جج سينٽرل اسلام آباد گرفتاري کان اڳ ضمانت رد ڪري ڇڏي جنهن کانپوءِ ايف آءِ اي اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن ??ي پڪڙڻ جي لاءِ ڪارروائي ڪئي. ايف آءِ اي ذريعن موجب جوابدار مبينا طور تي وڏي پئماني تي ڀ??تي اسڪينڊل ۾ ملوث هئا جنهن ۾ انهن فنڊز جو غبن ڪي?? ۽ ڀرتي جي عمل ۾ بي ضابطگيون ڪي??ن. ان اسڪينڊل جي ڪري اي پي پي سي ۽ قومي خزاني کي وڏو مالي نقصان پهتو ۽ ڀرتي جي عمل جي شفافيت تي سوال اٿيا. ايف آءِ اي ڪيترن ئي جوابدارن کي گرفتار ڪي?? آهي جن ۾ ارشد مجيد چوڌري شامل آهي ۽ ان اسڪينڊ جي مڪمل حد تائين جاچ جي لاءِ وڌيڪ جاچ جاري آهي. ادارو غبن ٿيل فنڊز جي وصولي جي لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ۽ جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد بدعنواني جي خاتمي ۽ سمورن شعبن ۾ شفافيت ۽ احتساب کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ادارو شهرين کي اپيل ڪري ٿو ته اهي بدعنواني يا ڪنهن به قسم جي بي ضابطگي جي اطلاع ڏين ۽ يقين ڏياريون ٿا ته سمورين شڪايتن جي مڪمل جاچ ڪئي ويندي ۽ ان تي عمل ڪي?? ويندو.