اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي ??زي?? سينيٽر محمد اورنگزيب عال??ي بئنڪ طرفان پاڪستان جي لڳاتار معاونت کي ساراهيندي چيو آهي ته حڪومت مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال ۾ پُرعزم آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ عال??ي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسائن جي اڳواڻيءَ ۾ عال??ي بئنڪ جي ٽيم سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي ناڻي وارو سيڪريٽري ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به موجود هئا. ناڻي واري ??زي?? پاڪستان ۾ معاشي سڌارن ۽ ترقياتي ايجنڊا جي حمايت لاءِ عال??ي بئنڪ جي سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن مختلف شعبن ۾ عال??ي بئنڪ جي مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيندي حڪومت طرفان مالي نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ، جٽادار ترقي ۽ وسيلن جي اثرائتي استعمال جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڳالهين ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ واڌ، ٽيڪس جي تعميل ۾ بهتري ۽ منصفاڻي ٽيڪس نظام جي حوالي سان مضبوط، فعال ۽ شفاف ٽيڪس پاليسي فريم ورڪ جي قيام جي ڌيان ڏنو ويو. عال??ي بئنڪ جي ٽيم بجيٽ سازيءَ جي عمل کي بهتر بنائڻ لاءِ فني معاونت جي آڇ ڪئي جنهن ۾ جديد طريقا اختيار ڪرڻ تي زور ڀريو ويو ته جيئن عوامي مالياتي انتظام ۾ شفافيت ۽ احتساب کي هٿي ڏئي سگهجي. ڳالهين ۾ قرضن جي اثرائتي انتظام۽ بندوبست جي انتظامي نظام جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ته جيئن مالي پائيداري??َ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ خطرن کي گهٽ ڪري سگهجي. اجلاس ۾ زرعي آمدني جي ٽيڪس نظام، جي ايس ٽي جي حوالي سان صو??ن سان هم آهنگي ۽ قومي ٽيڪس ڪائونسل جي فعال ڪردار تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. عال??ي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر حڪومت طرفان مختلف شعبن ۾ سڌارن جي حوالي سان قدمن جي تعريف ڪئي ۽ اجلاس ۾ بحث هيٺ اهم شعبن ۾ عال??ي بئنڪ جي لڳاتار حمايت جي خاطري ڪرائي. هن اقتصادي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ ۽ پاڪستان جي ترقياتي مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ عال??ي بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري ??زي?? عال??ي بئنڪ جي حمايت تي ٿورو ادا ڪيو، جٽادار اقتصادي ترقيءَ لاءِ سڌارن تي عملدرآمد جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ ڪيو.