اسلام آباد -25 نومبر (اي پي پي) وا??ار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ وا??ار ۾ واڌ ضروري آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ زرعي مشينري ۽ آٽوموبائيل جي شعبي ۾ سهڪار کي هٿي ڏني ويندي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ بيلا روس جي توانائي واري وزير سان بزنس فور?? جي گڏيل صدارت دوران ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وا??ار واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بيلا روس بزنس فورم دوران 8 مفاهمتي ي??دداشتن ۽ معاهدن تي صحيحيون ڪيون وينديون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ بيلا روس جا ٽريڪٽرز پائيداري ۽ مضبوطي جي علامت سمجهيا وڃن ٿا. هتي مقامي مارڪيٽ ۾ انهن جي وڏي طلب آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ وا??ار ۾ واڌ لاءِ 27-2025ع لاءِ روڊ ميپ تي اتفاق ڪيو ويو. ٻئي ملڪ تعاون جا عملي قدم کڻندا. هن چيو ته پاڪستان ۽ بيلا روس علائقائي وا??ار ۽ ڪنيڪٽوٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۾ حصيدار به آهن. پاڪستان بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ گڏيل منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري لاءِ توانائي، زراعت ۽ آءِ ٽي جي شعبن سميت ٻيا شعبا کليل آهن. هن چيوته پاڪستان ۽ بيلا روس جي ٻه طرفي وا??ار کي وڌا??ڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان مان گوشت، ڊيري، زرعي شين ۽ ڪاغذي شين جي روانگي وا??ار وڌائي سگهجي ٿو. وا??ار واري وزير چيو ته بيلا روس سان واپاري رڪاوٽن کي گهٽائڻ ۽ مارڪيٽ تائين رسائي کي آسان بڻا??ڻ جي ضرورت آهي. جنهن تي وفاقي حڪومت ڪم ڪري رهي آهي. پاڪستان خطي ۾ واپاري ۽ ٽرانزٽ حب بڻجڻ لاءِ پرعزم آهي. ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا جي ڇهين وڏي واپاري مارڪيٽ آهي.