لاهور-12 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گلبرگ ۾ مسلم ليگ (ق) جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ان ??وقعي تي صوبائي وزير شافع حسين به موجود هو. چوڌري شجاعت حسين ڪوئيٽه ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي شديد مذمت ڪندي شهيدن سان ??ڪجهتيءَ جو اظه??ر ڪيو. محسن نقوي ۽ شجاعت حسين شهيدن جي پونئيرن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو. چوڌري شجاعت حسين وفاقي حڪومت کي تعمير ٿيندڙ نَون روڊن کي شهيدن جي نالن سان ??نسوب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. وفاقي وزير، چوڌري شجاعت حسين جي مطالبي ??ان اتفاق ڪندي اسلام آباد ۾ تعمير ٿيندڙ نَون روڊن جا نالا شهيدن سان ??نسوب ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته ٻين صوبن جي وڏن وزيرن سان ان تي عملدرآمد لاءِ ڳالهائيندس. چوڌري شجاعت حسين چيو ته اهو ڪم وطن جي شهيدن ۽ـ انهن جي پونئيرن سان حڪومت جي يڪجهتيءَ جي اظهار جي حوالي سان ??ميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هزارين پاڪستانين شهادت ماڻي. گهرو وزير چيو ته پاڪستان شهيدن جي عظيم قربانين جو قرض ادا نٿو ڪري سگهي. شهيدن پنهنجي رت سان امن قائم ڪيو آهي، اسان شهيدن جي ??ون??ئرن سان گڏ آهيون ۽ هميشه گڏ رهنداسين. هن واضح ڪيو ته ڌماڪا بهادر پاڪستاني قوم جو مقدر ناهن، قوم جي حمايت سان ان ??اسور کي ختم ڪنداسين. چوڌري شجاعت آسٽريليا خلاف 22 سالن کانپوءِ ون ڊي سيريز کٽڻ تي محسن نقوي کي مبارڪون ڏيندي چيو ته توهان جي محنت ۽ رانديگرن جي ڪارڪردگي ڪاميابيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.