لاهور -10 نومبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي و??ير عطا الله تارڙ گذريل ڏينهن پنهنجي تڪ اين اي 127 ۾ مصروف ڏينهن گذاريو. وفاقي و??ير جوهر ٽائون ۾ ليگي اڳواڻ سهيل ستار جي پٽ جي وليمي جي دعوت ۾ ويو ۽ کيس پٽ جي شادي تي مبارڪون ڏنيون. هن نئين پرڻيل جوڙي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ ساڻن گ?? گروپ فوٽو پڻ ڪڍايو. جنهن بعد هو يو سي 239 ٽائون شپ ۾ سعديه ملڪ جي گهر ويو ۽ ساڻس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس م اعليٰ مقام عطا فرمائي ۽ وارثن کي صبر عطا فرمائي. بعد ۾ وفاقي و??ير ٽائون شپ جي گرائونڊ ۾ فٽبال ميچ ڏسڻ ويو جتي سندس شاندار استقبال ڪيو ڪيو. وفاقي و??ير ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن سان هٿ ملايو ۽ سندن حوصلا افزائي ڪ??ي. هن ڊي جي پي ايڇ اي کي پارڪ ۾ ضروري سهولتن جي فراهمي جا حڪم جاري ڪيا. ان کان پوءِ وفاقي و??ير يو سي 233 ۾ شهباز جعفري جي رهائشگاه پهتو جتي هن ساڻس امڙ جي لاڏاڻي تي فاتهه خواني ڪ??ي ۽ ان جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ ??بر جي دعا ڪئي. وفاقي و??ير آخر ۾ ميڊيا اينڪر پرسن پاڪستان ٽيلي ويزن عمر اسلام جي ڀاءُ جي وليمي و??ري دعوت ۾ شرڪت ڪئي ۽ جوڙي لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ گروپ فوٽو ڪڍرايو. ان موقعي تي هن سياسي ۽ سماجي شخصيتن سان به ملاقاتون ڪيون.