اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي وزير احسن اقبال صوبائي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي و??ت کان پهريان ??ان??ٽر ڪرڻ تي زور ڀ??يندي هدايت ڪئ?? آهي ته عالمي سطح تي قيمتن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان ۾ ان تناسب سان عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ صوبائي حڪومتن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه هتي نيشنل پرائس ??ان??ٽرنگ ڪميٽي (اين پي ايم سي) جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي چئي. اجلاس ۾ قومي انگن اکرن واري وفاقي اداري، منصوبا بندي وزارت ۽ ڪلي معيشت جي ماهرن ۽ عملدارن شرڪت ڪئ??. ان موقعي تي نعيم اظفر اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ملڪ ۾ ضروري شين جي قيمتن جي رجحانن تي بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته شماريات جي اداري مطابق ٽرانسپورٽ ۽ مرغي جي قيمتن ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. کنڊ جي قيمت عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽ ٿيڻ کانپوءِ گهٽ ٿي آهي، جڏهن ته داليون، پٽاٽو، چانور ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته عالمي مارڪيٽ جي رجحان سبب پام آئل جي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي. وفاقي وزير صوبائي مارڪيٽ ڪمپنين طرفان طلب ۽ رسد کي و??ت کان پهريان ??ان??ٽر ڪرڻ تي زور ڀ??يو. هن چيو ته شماريات کاتي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير پيٽرول جي قيمتن ۽ ڪِراين کي چيڪ ڪرڻ جي هدايت ڪئ??. زراعت کي ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي قرار ڏيندي هن چيو ته ڪڻڪ جي پيداوار وڌائڻ لاءِ وقت سر قدم ضروري آهن. زرعي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ بزنس پلان جي اڳواٽ تياري ۽ ويل??و ايڊيشن تي به توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.