سرينگر- 05 نومبر (اي پي پي) ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ رھندڙ ڪشميري اربع 6 نومبر تي ڄمون ڪشمير جي شهيدن جو ڏهاڙو ملھائيندا ۽ خودارايت واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين شھيدن جي مشن کي جاري رکندا. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق مھاراجه ھري سنگھه جي فورسز، ڀا??تي فوج ۽ هندو پرستن ڄمون جي مختلف علائقن ۾ ان وقت لکين ڪشميري ج?? قتل عام ڪيو جڏھن ??شميري نومبر 1947ع جي پھرين ھفتي ۾ پاڪستان ڏانھن ??جرت ڪري رھيا ھئا. ڪنٽرول لائن جي ٻنھي پاسي ۽ سڄي دنيا ۾ يوم شھداءِ ڄمون ملھائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي حتمي شڪل ڏني وئي آھي. شھداءِ ڄمون کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ آزاد ڄمون ڪشمير ۽ سڄي پاڪستان ۾ ڀا??ت خلاف مظاھرا، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ڪيا ويندا. ڪشميري شھيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف، سياسي، مذھبي ۽ عوامي تنظيمن طرفان خاص دعائن جون تقريبون منعقد ڪيون ويون آھن. ٻئي پاسي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن شھداءِ ڄمون کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيوآھي. انھن ??يو ته ڪشميري ڊگھي عرصي کان ڀا??ت جي قبضي مان آزادي لاءِ بي مثال قربانيون ڏئي رھيا آھن ۽ اھو ڏينھن پري ناھي جڏھن ??مون ڪشمير ۾ آزادي ج?? سج اڀرندو. ھنن عالمي برادري تي زور ڀريو ته معصوم ڪشميرين تي ظلم بند ڪرائڻ ۽ ڪشمير جي تڪرار کي ڪشميرين جي اميدن ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل ٺھرائن مطابق حل ڪرڻ لاءِ ڀا??ت تي دٻاءُ وڌائي. حريت جي اڳواڻن چيو ته ڄمون ۾ قتل عام مسلمانن جي نسل ڪشي ج?? شروعات ھئي ج??ڪا اڃا تائين مسلسل جاري آھي. هنن چيو ته ڀا??ت پاران قتل عام ڪرڻ جو مقصد علائقي ج?? آب??دي ج?? تناسب تبديل ڪرڻ ھو. ان دوران ڪشمير ڪائونسل اي يو ڪي ج?? چيئرمين علي رضا سيد شھداءِ ڄمون کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آھي ته ڄمون جي شھيدن پنھنجون جانين جو نذرانو پيش ڪري قربانيءَ جو عظيم مثال قائم ڪيو ۽ سموري علائقي ڄمون ڪشمير ۾ حريت جي جذبي کي سٺي انداز ۾ اجاگر ڪيو آھي. علي رضا سيد برسلز ۾ شھدائي ڄمون جي حو??لي سان ھڪ اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته اسان شھداءِ ڄمون جي قربانين کي ڪڏھن وساري نه ٿا سگھون، جن پنھنجون جانيون پيش ڪري ڄمون ڪشمير جي ماڻھن جي ھمٿ ۽ حو??لي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو.