اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وال??ين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪي?? وڃي ٿو، اهڙن ٻارن جي لاءِ شرط آهي ته انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سان هجي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ ج?? اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وال??ين کانسواءِ ٻارن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺه?? ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن وال??ين کانسواءِ آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪنداسين ته انهن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي لاءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چيو ته ان معاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ بدران نادرا چيئرمين سان ميٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻارن کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪي?? ويو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا وال??ين جي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انهن ٻارن جي لاءِ معاشري ۾ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته يتيم خانن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙن ٻارن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻارن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو ڪم پاڪستان جي ليجنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪي?? هو ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏهن سينيٽ جي پروٽيڪشن حاصل ٿي ويندي ته اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته اهو نظام ڪيئن ٺه?? سگهي ٿو جنهن ۾ ٻارن جو نقصان نه ٿئي ۽ اسان وڌ کان وڌ ٻارن کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انهن کي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪري سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جا وال??ين نه آهن ته نادرا ڊيٽابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊيٽابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار اهو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کان وڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي پالين ٿا، اهو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.