اسلام آباد -14 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي ا??) جي سربراهي اجلاس بابت خوشيءَ جو اظهار ڪندي ا?? کي پاڪستان لاءِ هڪ اه?? اعزاز قرار ڏنو ۽ چيو ته اه?? اه?? اجلاس نه رڳو علائقائي رابطن کي مضبوط ڪندو پر پاڪستان جي عالمي اعتماد وڌڻ سان گڏوگڏ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي کي به مستحڪم ڪندو. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن پاڪستان لاءِ اعتماد جي بحالي ۽ سفارتي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ ايس سي ا?? سربراهي اجلاس جي ا??ميت تي زور ڏنو جيڪي گذريل حڪومتي دور ۾ خراب ٿي ويا هئا. هن چيو ته ايس سي ا?? سربراهي اجلاس پاڪستان لاءِ ميمبر ملڪن خاص طور تي چين ۽ روس سان پنهنجن اقتصادي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ پاڻ کي واپار ۽ ٽرانزٽ کي مرڪز طور پوزيشن ڏيڻ جو هڪ اه?? موقعو پيش ڪري ٿو، جنهن سان خطي ۾ وڌيڪ اقتصادي ا??ضمام جي سهولت فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته ايس سي ا?? جو فريم ورڪ پاڪستان کي سفارتي ڳالهه ٻولهه ۾ شامل ٿيڻ جي ٻه طرفي ۽ گهڻ رخي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عالمي فورمز ۾ پنهنجو آواز بلند ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان سان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ ڀارت جي شرڪت هڪ اه?? اڳڀرائي آهي جتي ڀارت کي ميز تي مسئلن تي ڳالهائڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوءَ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس بابت پرُاميد آهي، هن چيو ته پاڪستان سان هندستان جي شرڪت بامعنيٰ ڳالهين ۽ سهڪار جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته گذريل ڪانفرنس دوران ڀارت پاڪستان سان تعميري ا??داز ۾ شريڪ ٿيڻ جو موقعو و??ائي ڇڏيو. پر شيري رحمان اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري ڀارت پختگي جو مظاهرو ڪندو ۽ گڏيل طور تي فائديمند ڳالهين ۾ شامل ٿيندو. شيري رحمان ان ڳالهه تي پڻ زور ڀريو ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي پختگي جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ايس سي ا?? سربراهي اجلاس جي ا??ميت کي سمجهڻ گهرجي. هن چيو ته چين ۽ روس طرفان قائم ڪيل ايس سي ا?? سربراهي اجلاس سياسي، اقتصادي، عالمي سلامتي ۽ دفاعي معاملن جهڙن اه?? شعبن تي ڌيان ڏئي ٿو.