اسلام آباد- 13 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي نيشنل پيپلز ??انگريس (اين پي سي) جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اڳوڻي چيئرمين ۽ اڳوڻي نائب وزيراعظم ووبانگوو جي اوچتو لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آه??. گذريل ڏينهن پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي پنهنجي پ??غا?? ۾ وزيراعظم چيو ته آنجهاني ووبانگوو سي پي سي جو قابل اڳواڻ ۽ پاڪستان جو سچو دوست هو جنهن گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسانجون همدرديون آنجهاني خاندان ?? چيني عوام سان گڏ آه??.