اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز جي دعوت تي ملائ??شي?? جو وزيراعظم پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهچي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائ??شي?? جي وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم جو نور خان ايئربيس پهچڻ تي شاندار استقبال ڪ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلام آباد پهچڻ تي پاڪ فوج جي دستي ملائ??شي?? جي وزيراعظم کي سلامي ڏني. ملائ??شي?? جي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. روايتي لباس پهريل ٻارن ملائ??شي?? جي وزيراعظم کي گل پيش ڪيا. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪامرس وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ وزيراعظم سان گ?? استقبال ۾ شريڪ هئا. ملائ??شي?? جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو. ملائ??شي?? جو وزيراعظم داتوسري انور ابراهيم صدر آصف علي زرداري سان پڻ ملاقات ڪندو. دوري دوران پاڪستان ملائ??شي?? ٻطرفي تعاون جي ??رو?? تي ڳالهه ٻولهه ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ حصيداري جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿيندي. ملائ??شي?? جي وزيراعظم سان گ?? اعليٰ سطح جي ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن جو وفد پڻ پاڪستان آيو آهي. وفد پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقات ڪندو جنهن سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي ??رو?? ملندو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ تعاون جي لاءِ ملائ??شي?? جو وزيراعظم پاڪستان – ملائ??شي?? بزنس فورم ۾ شرڪت پڻ ڪندو.