ماسڪو-01 آڪٽوبر (اي پي پي) سيڙپڪاري، نجڪاري ۽ مواصلات بابت وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته گڏيل سيڙپڪاري ذريعي پاڪستان ۽ روس جي واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ چاھيون ٿا.سيڙپڪاري بورڊ پاران جاري پڌرائي مطابق وفاق?? وزير ماسڪو ۾ پاڪ – روس بزنس فورم ۾ شرڪت ڪ??ي. فورم ۾ پاڪستان جي 60 ڪمپنين جي نمائندن پڻ شرڪت ڪ??ي. وفاق?? وزير فورم جي پھرين ڏينھن بزنس سيشن کي خصوصي طور خطاب به ڪيو. وفاق?? وزير فورم ۾ شرڪت دوران روس جي صنعت ۽ واپار وار?? وزير سان ملاقات کان علاوه ماسڪو ۾ روس جي واپاري برادري سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ان موقعي تي وفاق?? وزير عبدالعليم خان جي ماسڪو چيمبر آف ڪامرس ۽ بزنس اي??وسي اي??ن جي نمائندن سان پڻ ملاقات ٿيندي. واضح رھي ته ھو پنھنجي ٽن ڏينھن واري دورو دوران روس جي ڪاروباري شعبن سان لاڳاپيل ماڻھن سان وڌ کان وڌ ملاقاتون ڪندو. روس جي دوري ۽ فورم جي حوالي سان وفاق?? وزير عبدالعليم خان چيو آھي ته روس جي دوري سان ٻنھي ملڪن جي ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي وڌيڪ ويجھو آڻڻ چاھيون ٿا. گڏيل سيڙپڪاري ۽ سھولتن سان گڏ روس ۽ پاڪستان جي ماتحت ڪ??روبار کي ھٿي ڏيڻ ڇاھيون ٿا. عبدالعليم خان ماسڪو ۾ روس ج?? وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري اختيارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو جنھن سان پاڪ – روس واپاري لاڳاپن کي ھٿي وٺرائڻ ۾ مدد ملندي.